ڄام نظام الدين (پهريون)

ڄام نظام الدين (پهريون)

ڄام نظام الدين (پهريون)

ڄام نظام الدين (پهريون): سلطان صلاح الدين ڄام انڙ ثانيءَ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ نـظـام الـدين (پهرئين) حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن خاندان جو هي ستون نمبر حڪمران هو. هن 1404ع کان 1406ع تائين مختصر مدي لاءِ حڪومت ڪئي. هن حڪومت سنڀالڻ سان ئي پنهنجن چـاچـن کي قـيـد مـان آزاد ڪـيو ۽ انهن کي حڪومت جو ڪاروهنوار سپرد ڪيائين. سندس دور ۾ انـدرونـي تـوڙي ٻاهريـن سطح تي ڪو به خطرو نه هو. ان ڪري پاڻ سلطنت جي ڪمن کان گهڻي حد تائين لاپرواهه ٿي ويو ۽ عيش عشرت ۾ مصروف رهيو. سندس چاچن کيس احسان جو بدلو اهو ڏنو جو کيس قـتـل ڪـرڻ جو پروگرام جـوڙيـائـون، پـر سـنـدس وفادار سپاهين کيس ان جو اڳواٽ اطلاع ڏنو. هي حقيقت ٻڌي پاڻ گجرات ڏانهن نڪري ويو. چاچن اڃا هن جو پيڇو ئي ڪيو پئي ته اميرن پٺيان ڄام تماچيءَ جي پٽ ڄام علي شير کي تخت تي ويهاريو. ڄام نظام الدين رستي ۾ ئي گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو